جتوئيءَ جو مقبرو

جتوئيءَ جو مقبرو

جتوئيءَ جو مقبرو

جتوئيءَ جو مقبرو: هي مقبرو ميان نورمحمد ڪلھوڙي جي قبرستان، ڳوٺ ۽ ديھه ميان نورمحمد تعلقي دولتپور ضلعي نواب شاھه (هاڻوڪي بينظيرآباد) ۾ موجود آهي. ھن جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ، ھن جي اوڀر ۾ ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال وھي ٿو، جڏهن ته مقيم ڏاھريءَ جو ڳوٺ اٽڪل 2 ڪلوميٽر اولھه ۾ ۽ مورو شهر 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ ۾ 260 32' 50''۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ ۾ 680 4' 8'' ڊگرين تي موجود آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو ۽ گچ ، استعمال ٿيل آھي. ھي مقبرو چوڪنڊي نموني تي رٿيل آھي. ڊيگھه ۾ 6.20 ميٽر، ويڪر ۾ 6.20 ۽ اوچائي 7 ميٽر آھي. مقبري جو لنگھه اولھه ۽ اوڀر پاسي وارين ڀتين ۾ خوبصورت درن وسيلي آھي، مگر اڀرندي وارو لنگھه بعد ۾ بند ڪيل ٿو ڏسجي. اندران توڙي ٻاھران ڪوبه پلستر ٿيل نه آھي. چوڌاري ٻيڙ- ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن. چئن ڪنڊن واريون برجيون ڊٺل آھن. اٺڪنڊي ڳچ تي اڌ گول وانگر گنبذ ٺھيل آھي، جنھن جي مٿان ڪنول گل اونڌو ٿيل ۽ ان جي مٿان ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ ۽ ڳچ تي چن جو پلستر ٿيل آھي. گنبذ جو نمونو آدم خان جي مقبري وانگر آھي، جيڪو دھليءَ ۾ 1561ع ۾ جوڙايو ويو ھو، چوڪنڊي نموني جا جارا ٺهيل آهن، سرون اگھاڙيون آھن، انھن تي پلستر ٿيل نه آھي. موجوده وقت ۾ مقبرو سٺي حالت ۾ آھي، جو محڪمه آثار قديمه وارا ان جي سنڀال ڪن ٿا. اوڀر طرف ڪجھه مرمت جي ضرورت آھي، مقبرو ٻوٽن ۽ جھاڙين سان ڍڪجي ويو آھي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو